سر ڪاپائتي

سر ڪاپائتي

سر ڪاپائتي

سر ڪاپائتي (ڪتاب): شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ٻه سئو ستيتاليهين عرس جي موقعي تي، سال 1991ع ۾ سر ڪاپائتيءَ بابت پڙهيل مقالن جو هي ڪتاب، ناليواري ڪهاڻيڪار حميد سنڌيءَ ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، محمد عمر معمور يوسفاڻي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، پريتم پياسي، ابوبڪر شيخ، چوئٿرام ولهيٽ، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي، ڊاڪٽر شمس سومري، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، سيد بچل شاهه بخاري، ملڪ نديم، سليم ميمڻ ۽ محمد حسين ڪاشف جا مقالا شامل آهن.
ڊيمي سائيز جي 184 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب عبدالحميد آخوند، سيڪريٽري ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ۽ سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت حڪومت سنڌ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ان جي قيمت 50 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو